اسلام آباد – 15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??ي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سخت حفاظتي قدم کنيا آهن ?? ملڪ جي سمورن بارڊرز کي بند ڪيو ويو آهي. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام پريشان ۽ گهٻرائڻ بدران وائرس کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تد??يرون اختيار ڪري.