قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف 18 کان 19 ڊسمبر تائين قاهره مصر ۾ منعقد ٿيندڙ اسرندڙ 8 ملڪن جي 11هين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ ٻن ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو ??ي ويو. عرب جمهوريه مصر جي هوابازي واري وزير سامح احمد الخنفي ۽ قاهره ۾ پاڪستاني سفارت??ان?? جي عملدارن هوائي اڏي تي وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڊي – 8 سربراهي اجلاس ۽ وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيد?? ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي حوالي سان غزه ۽ لبنان ۾ انساني بحران ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي ڊي – 8 جي خصوصي سربراهي اجلاس ۾ اهم خطاب ڪيو. وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ سربراهن سان ملاقات پڻ ڪئي. پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??حمد اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شامل هئا.