اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته قومي آمدني جو اٽڪ?? اڌ حصو قرضن ۽ وياج جي ادائيگي ۾ خرچ ٿي وڃي ٿو، معاشي استحڪام جي لاءِ ضروري آهي ته معاشي سرگر??ين کي باقاعده دستاويزي شڪل ڏني وڃي ۽ ٽيڪس جي دائري کي وڌايو وڃي جڏهن ته انضمام ٿيل علائقن ۾ ٽيڪس جي شرح جي تعين ۾ علائقي جي عوام جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکيو ويندو. هن اها ڳالهه انضمام ٿيل علائقن (اڳوڻ?? فاٽا) ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.